آشڪار تحقيقي جرنل

آشڪار تحقيقي جرنل

آشڪار تحقيقي جرنل

آشڪار تحقيقي جرنل

آشڪار تحقيقي جرنل

آشڪار: هي سچل چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور پاران نڪرندڙ تحقيقي جرنل آهي، جنهن جا 8 پرچا شايع ٿي چڪا آهن:
آشڪار-1: 1989ع سچل جو سال، ايڊيٽر اياز گل، ٻانهن ٻيلي محمد علي حداد. هن ۾ 13 عدد تحقيقي مقالا شايع ڪيا ويا آهن.
آشڪار- 2: ايڊيٽر: اياز گل، ٻانهن ٻيلي: اياز گل، جون 1990ع، هن ۾ لعلچند امر ڏني مل جي 1916ع ۾ ڇپيل ’سونهارو سچل‘ ۽ ڄيٺمل پرسرام جي 1922ع ۾ ڇپيل ’سرمست‘ ڪتابن کي ٻيهر شايع ڪيو ويو آهي.
آشڪار-3: مرتب اياز گل، ٻانهن ٻيلي: محمد علي حداد 1 مارچ 1993ع، هن پرچي ۾ سگا جي سچل بين الاقوامي ڪانگريس (1989ع) جا ڪجهه اهم سنڌي، سرائيڪي، اردو ۽ انگريزي مقالا شايع ڪيا ويا آهن.
آشڪار-4: مرتب: اياز گل، ٻانهن ٻيلي: محمد علي حداد، جولاءِ 1994ع هن پرچي ۾ ڊاڪٽر بلوچ ۽ سخي قبول محمد جون تقريرون ۽ سنڌي ۽ اردو 15 مقالا آهن.
آشڪار-5: مرتب: الطاف اثيم، ٻانهن ٻيلي: مهر خادم ۽ يوسف خشڪ، آڪٽوبر 1999ع هن پرچي ۾ سنڌي ۽ اردوءَ ۾ 13 مقالا شايع ڪيا ويا آهن.
آشڪار-6: مرتب: الطاف اثيم، جون 2005ع، هن پرچي ۾ 6 تحقيقي مقالا شايع ڪيا ويا آهن.
آشڪار-7: مرتب: الطاف اثيم سيپٽمبر 2007ع هن تحقيقي جرنل ۾ 16 مقالا شايع ڪيا ويا آهن.
آشڪار-8: مرتب: الطاف اثيم، سيپٽمبر 2008ع، هن پرچي ۾ 10 مقالا شايع ڪيا ويا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو